لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي باني جي مقبوليت ٻين جي ناڪامي جي ڪري آهي، جيڪڏهن نواز شريف 8 فيبروري تي چوي ها اسان اليڪشن هارائي ته صورتحال مختلف هجي ها، سياسي اڳواڻن کي ملڪ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن، لاهور ۾ ٿنڪ فيسٽ جي سيشن کي خطاب ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان کي بليم گيم جو حصو ٿيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن آئين ڪنهن کي پسند ناهي ته ان کي اتفاق راءِ سان تبديل ڪيو وڃي، جنهن ملڪ ۾ چونڊون چوري ٿين، ته اتي جمهوريت ناهي ايندي، خرابي جا اسين سڀ ذميوار آهيون، هن چيو ته سڀ کان پهرين قانون تي عمل ڪيو وڃي، قانون کي ٽوڙڻ نه گهرجي، جيڪڏهن چونڊون چوريون ٿيون ته سياسي استحڪام نه ايندو، مان پنهنجين غلطين جو اعتراف ڪريان ٿو، آئين ۾ ترميمن سان آئين غير متوازن ٿي ويندو.