لاهور ( بيورو+م ڊ )لاهور ۾ 25 ورهين جي ناري کي دوست زيادتي بعد قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو.گرفتار جوابدار افضل مسيح موجب مقتول سان سندس دوستي هئي ، لاهور جي علائقي چوهنگ ۾ 25 ورهين جي عورت کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو.پوليس اختيارين موجب جوابدار کي جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جي سڃاڻپ افضل مسيح طور ٿي آهي، جوابدار عورت کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.گرفتار جوابدار پوليس اختيارين کي ٻڌايو ته هو مقتول جو دوست هو، کيس ملڻ لاءِ گهرايو ۽ کيس منشيات پياري زيادتي ڪئي،جوابدار ناري ثانيا کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو هو.
-
اتر وزيرستان ۾ فورسز جون ڪارروايون، 9 خارجي دهشتگرد مارجي ويا
راولپنڊي ( م ڊ )خيبرپختونخواهه جي ضلعي اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز 2 مختلف ڪارروائين ۾ 9 خارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي دوسالي ۾ خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو.پاڪ فوج جي ترجمان موجب آپريشن دوران 6 خارجي مارجي ويا جڏهن ته 2 خارجين کي گرفتار ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع تي ٻيو آپريشن ايشام ۾ ڪيو ويو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 خارجي مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا.بيان ۾ چيو ويو آهي. ته مارجي ويل ۽ زخمي خارجين جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي کي خارجين کان خالي ڪرائڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
-
ايم ڊي ڪيٽ نتيجا ٻيهر غلط ثابت ٿيا، ڪارروائي نه ٿي: آفاق احمد
ڪراچي (رپورٽر) مهاجر قومي موومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مان ايم ڪيو ايم باني جي اپائن جي مخالفت ڪئي هئي، آڇ ڪئي وئي ته مان متحده کي سنڀاليان. هن چيو ته ڪراچي ۾ انٽرميڊيٽ جا نتيجا پيپلزپارٽي ٺاهي ٿي. ايم ڊي ڪيٽ جا نتيجا ٻيهر عدالت ۾ غلط ثابت ٿيا، پيپر ليڪ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ناهي ٿي. لکين ٻارن جو مستقبل تباهه ٿي چڪو آهي. اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ جو وقت گذري ويو آهي. . پيپلزپارٽي اسان جي ٻارن جي مستقبل سان کيڏي رهي آهي. هيوي ٽريفڪ ڏينهن ۾ هلڻ جي اجازت ناهي پر ٽينڪر هلن ٿا. شهر ۾ پاڻي جي سپلاءِ واٽر لائنن ذريعي ٿيڻ گهرجي.
-
ڪراچي مان پرڏيهه ويندڙ وڌيڪ 55 مسافر آف لوڊ
ڪراچي ( رپورٽر)ڪراچي ايئرپورٽ تان پرڏيهه وڃڻ دوران ايف آءِ اي اميگريشن عملو مختلف سببن جي ڪري وڌيڪ 55 مسافرن کي آف لوڊ ڪري ڇڏيو. روزاني جي بنياد تي ڪراچي جي مسافرن کي آف لوڊ ڪرڻ سبب ٽڪيٽ ضايع ٿيڻ جي ڪري لکين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.اميگريشن ذريعن موجب ڪراچي ايئرپورٽ تان قطر، سعودي عرب ۽ عمان وڃڻ لاءِ پهچندڙ 4 مسافرن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ اچڻ سبب کين آف لوڊ ڪيو ويو. ڪراچي کان وزٽ ويزا تي ڪئناڊا ويندڙ هڪ، نيپال سفر ڪندڙ 2 ،وزٽ ويز تي ترڪيه ويندي هڪ ڇوڪريءَ ، ڪم جي ويزا تي آذربائيجان ويندڙ هڪ شخص ، عمره جي ويزا تي سعودي عرب ويندڙ 10 مسافرن کي ايڊوانس هوٽل بڪنگ، لاڳاپيل دستاويزن ۽ خرچن لاءِ مناسب رقم نه هجڻ سبب گذريل ڏينهن آف لوڊ ڪيا ويا.