ميھڙ (رپورٽ: فراز چنا)سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن کي نيلام ڪرڻ واري فيصلي کي ميھڙ جي عوام رد ڪري ڇڏيو عوامي جمھوري پارٽي پاران ڪئنال ڪڍڻ ۽ زمينن جي نيلامي خلاف راڌڻ اسٽاپ کان پنج ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري گھنٽا گھر چوڪ ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين مرڪزي جنرل سيڪريٽريءَ سيد لعل شاھ ايڊووڪيٽ،ضلع صدر وڪيل سعيد پنھور،منظور مھيسر،اقرار چانڊيو ايڊووڪيٽ لياقت علي ملڪ،سينگار چانڊيو،بصير ڳورڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پيادل مارچ ڪيو ويو مارچ ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن،صحافين ،وڪيلن،سول سوسائٽي جي اڳواڻن شھري اتحاد جو چيئرمين نياز علي ٻرڙو،ايس يو پي ضلعي صدر سڪندر سوڍر،پي ٽي آءِ تعلقي صدر محمد ايوب کوسو ،عوامي پورھيت تحريڪ جي اڳواڻ وڪيل پنھل کوسو،ميھڙ فورم جي اڳواڻ وڪيل ذوالفقار کوکر،شاگرد اڳواڻ علي رضا بروھي ، مير شڪيل، مير عمران تيوڻو، وڪيل رضوان حيدر، وڪيل رحيم بخش ٻگھيو،وڪيل اسحاق احمد،وڪيل لياقت ملڪ سميت سوين شھرين شرڪت ڪئي،ريلي مٿان شھر جي مختلف چوراھن تي گلن جي ورکا ڪئي وئي،عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي عوامي جمھوري پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سيد لعل شاھ چيو ته پ پ پ ٻٽي پاليسي اختيار ڪئي آھي ھو ڪئنال ڪڍڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آھي درياء جا وارث سنڌي آھن سنڌين کان زندگي کسي پئي وڃي، زرداري ٽولو سنڌ جون زمينون وڪرو ڪري رھيو آھي سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو ڪنھن به ريت قبول ناھي،نياز علي ٻرڙو چيو ته پ پ پ سنڌين کان ووٽ وٺي سنڌ سان ويساھ گهاتي ڪري رھي آھي،ريلي کي وڪيل سعيد پنھور ، ايوب کوسو،علي رضا بروھي ،وڪيل پنھل کوسو،وڪيل ذوالفقار کوکر،منظور مھيسر،علي شير ڳورڙ،بصير ڳورڙ، ممتاز سومرو،ممتاز سڪندر لاکير ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.