ڌاڙيل راڄ سنڌ سرڪار جي ناڪامي قرار، ايس ايس پي آفيسن آڏو ڌرڻن جو اعلان

سکر(رپورٽر)سنڌ جي مختلف سياسي،سماجي،ديني،قومپرست جماعتن،وڪيلن، صحافين، اقليتي نمائندن توڙي سول سوسائٽي جي نمائندن سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ کي سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومتي ناڪامي قرار ڏيندي گهر ڪئي آهي ته آءِ  جي سنڌ پوليس کي هٽايو وڃي، سنڌ ۾ امن جي بحالي ۽ ڏوهن جي خاتمي لاءِ بنا ڪنهن فرق جي ڏوهارين توڙي سندن سهولتڪارن خلاف آپريشن فرض شناس ۽ سٺي ساک رکندڙ پوليس آفيسرن کي مقرر ڪري عوام کي ڌاڙيل راڄ کان نجات ڏياري وڃي، جماعت اسلامي جي ميزباني هيٺ سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ جي صدارت هيٺ سکر جي مقامي هوٽل ۾ اُتر سنڌ ۾ اغوا، ڌاڙا، ڦرون، قبيلائي جهيڙن ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف ڪوٺايل اي پي سي ۾بحالي امن ايڪشن ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪندي 28جنوري تي ايس ايس پي آفيسن آڏو ڌرڻا، 16فيبروري تي ٻٻرلوءِ شڪارپور ۾ انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو ويندو پوءِ به حڪومت امن بحال نه ڪيو ته وزير اعليٰ ھائوس جو گهيراءُ ۽ اسلام آباد ڏانھن لانگ مارچ ڪيو ويندو.اي پي سي ۾ صدارتي خطاب ڪندي جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو ته حڪومت جي نااهلي جي ڪري اُتر سنڌ بدامني جي باهه ۾ ٻري رهي آهي، ڌاڙيل جي قهري ڪارواين مان اسان جا ٻار ٻچا، هاري ناري، نياڻيون ۽ صحافي به محفوظ ڪونه آهن، اقليتي برادريءَ عدم تحفظ جو شڪار هجڻ سبب پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهي،عوام ۽ سياسي جماعتن جي بار بار احتجاج، روڊ رستا بند ڪرڻ باوجود حڪومت ۽ ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن. پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي امن امان جي حوالي سان هر سال اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود عوام آخر ڇو غير محفوظ آهي.؟ ائين لڳي ٿو ته چوڪيدار چورن سان گڏ مليل آهي، پاڻي مٿان ڌاڙي کان ويندي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ تائين پ پ حڪومت ان ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي. ھر ضلعي ۾ پنج کان 6 ماڻھو اغوا ٿيل آھن. اتر سنڌ جي 72لک آبادي ڏوھارين ھٿان يرغمال آھي. ھٿ وٺي سنڌ جي ڪچي کي وانا وزيرستان بڻايو پيو وڃي،ملي يڪجھتي ڪائونسل سنڌ جي صدر اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيوته سنڌ صدين کان پرامن سرزمين رھي آھي پر ھٿ وٺي بدامنيءَ جي باھ ڀڙڪائي وئي آھي. اي پي سي ۾ ايڪشن ڪميٽيءَ جوڙي ھتان جي چونڊيل ميمبرن سان ملاقاتون ڪري اسمبلي ۾ آواز اٿارڻ سان گڏ امن لاءِ ڪردار تي زور ڀريو وڃي. اڳوڻي ايم اين اي ميان مٺو چيو ته پنجاب وارن پنھنجو پاڻي انڊيا کي وڪڻي ڇڏيو آھي سنڌ جي پاڻي تي انهن جو ڪوبه حق ناهي، پنجاب ڪا ويساهه گھاتي ڪئي ته ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي،ايس ٽي پي جي عبدالفتاح سميجي چيوته مافيا سڄي سنڌ جي وسيلن جي سودي بازي ڪري ڇڏي آھي. امن صرف ڪجھ ضلعن، پر پاڻي جو مسئلو سنڌ لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻجي ويو آھي.ا يم ڊبليو ايم جي مرڪزي اڳواڻ مقصود علي ڊومڪي چيو ته من پسند ڪائونسلر اسمبلي ۽ فارم 47 تي نااھل ماڻھن کي کٽائيندڙ مقتدر قوتون سنڌ ۾ امن جي بحالي لاءِ ڇو خاموش آھن، اغوا ڪلچر سنڌ جو دردناڪ پھلو آھي، پي ٽي آءِ اڳواڻ اقبال بجاراڻي چيوته زداري ۽ سرداري سسٽم اتر سنڌ جي 5ضلعن جي امن کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، ڌاڙيل راڄ ۾ پ پ ۽ سردار برابر جا شريڪ آهن. فوجي آپريشن ڪري امن بحال ڪيو وڃي،ڪچي جي زمين تي قبضي لاءِ سازش ٿي رھي آھي،جي يو آءِ جي محمد صالح انڍھڙ چيوته حڪومتي نااھلي سبب اتر سنڌ عملي طور اغوا انڊسٽري بڻجي وئي آھي، بيورو ڪريسي کي وڏيرن جو دربان بڻايو ويو آھي.سينئر صحافي نعمت کھڙو چيو ته سنڌ جي امن توڙي پاڻي ڌاڙي خلاف ملين مارچ ڪيو وڃي،ست سالن کان پريا ڪماري 18سالن کان فضيلا سرڪي اغوا ۽ صحافي جان محمد مھر، نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار ناھن ٿيا جيڪا حڪومتي ناڪامي آهي.فنڪشنل ليگ جي چيف آرگنائيزر ڪاشف نظاماڻي چيوته اتر لاڙ وچولو سموري سنڌ بدامني جي لپيٽ ۾ آھي. پ پ سرڪار سنڌ کي ايترو ته نقصان پهچايو آھي ان جو 50سالن تائين به تدارڪ نه ٿو ٿي سگھي، ايس يو پي جي نائب صدر منير نائچ چيوته بدامني ۽ لاقانونيت جو سبب رياست پنھنجو ڪم نه ٿي ڪري. سنڌ جي زمين ۽ پاڻي تي قبضي لاءِ سڄو صوبو سنڌ پ پ کي لاڳيتو 16سالن کان ٺيڪي تي ڏنو ويو آھي، شيعه علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻ علامه رياض حسين روحاني چيو ته ھن وقت پارا چنار کان سنڌ تائين سڄي پاڪستان ۾ امن جو پکي اڏامي ويو آهي، جماعت اسلامي جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ممتاز حسين سھتو چيوته اسان کي مظلوم جو ساٿ ڏيڻ گھرجي. دور جاھليت ۾ به اھڙو ظلم نه هو، ڪنڌڪوٽ شھري اتحاد جي ڊاڪٽر مھر چند چيو ته جھن رياست کي اسان ٽيڪس ڏيون ٿا اھا اسان کي امن ڏيڻ جي پابند آھي.103ڏھاڙا بدامنيءَ خلاف احتجاج ڪيو سين پر حڪمرانن گونگا ٻوڙا ۽ انڌا بڻيل آھن.12لک ضلعي ڪشمور جي آبادي کي 50ڌاڙيل يرغمال بڻايو ويٺا آھن،15کان 20فيصد ھندو برادري لڏپلاڻ ڪري چڪي. ڪيو اي ٽي سنڌ جي مرڪزي نائب صدر روشن ڪنراڻي چيو ته سنڌ پاڪستان ٺاھيو، پر اڄ ان سان ٻه اکيائي ڪري امن تعليم تباھ ۽ زمينن جي ولار ڪئي پئي وڃي،پ ٽ الف جي انتظار ڇلگري چيو ته امن جي بحالي توڙي ڏوھن جي خاتمي لاءِ ضروري آھي تہ پوليس کي غير سياسي بڻايو وڃي، اي پي سي کي جي يوپي جي حافظ گنھور قادري، درگاھ چھيو شريف جي عبدالله شاھ، درگاہ مسڪين پور جي حضور بخش حضوري، عوامي تحريڪ جي حاڪم جتوئي،مرڪزي اهل حديث جي قاري محمد عثمان ،سوشل ورڪر ميڊم ناھيد،سردار نذير ٻٻر، عبدالحئي سومرو، لاڙڪاڻي بار جي اسماعيل ابڙو،چيمبر آف ڪامرس جي ريواچند، آل پاڪستان ھندو پنچائت جي دنيش ڪمار، مسلم ليگ ق جي عبدالقادر چاچڙ، سکر پريس ڪلب جي صدر ظھيرخان لوڌي پڻ خطاب ڪيو. حافظ نصرالله چنا اسٽيج سيڪريٽري جڏھن ته اي پي سي جو اعلاميو علامه حزب الله جکرو پڙهي ٻڌايو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *