خواجا آصف ۽ طلال کي عمران جي سزا بابت اڳواٽ خبر ڪٿان پئي:اسد قيصر

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر سماجي  رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئٽر) تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته خواجا آصف ۽ طلال چوڌري جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ القادر ٽرسٽ جي فيصلي بابت هنن کي پهريان ئي پتو آهي، جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته فيصلو ڪٿي لکيو ويو آهي، اسد قيصر چيو ته القادر ٽرسٽ فلاحي ادارو آهي جنهن جو ڪو به فائدو ناهي، پي ٽي آءِ جي باني کي القادر ٽرسٽ مان ڪو به فائدو نه پهتو، القادر ٽرسٽ جي شفاف ٽرائل ناهي ٿي.هن وڌيڪ چيو ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني خلاف ڪي به ٺوس ثبوت ناهن، القادر ٽرسٽ ڪيس صاف انتقام تي ٻڌل ڪيس آهي.هوڏانهن سينيٽر فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت بسرا انڪشاف ڪيو ته سندس ٻه مقصد آهن.هن چيو ته فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس جا ٻه مقصد آهن، هڪ مقصد قوم کي ٻڌائڻ آهي ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني کي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پ. ي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت بسرا چيو آهي ته ٻيو مقصد 20 جنوري کان اڳ جبري طور اڊيالا کان بني گالا منتقل ڪرڻ آهي، بني گالا کي سب جيل قرار ڏنو ويندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *