اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊز ريفرنس جو فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو، اڊيالا جيل ۾ احتساب عدالت جو جج ناصر جاويد رانا اڄ صبح 11 وڳي اڊيالا جيل ۾ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندو، ان حوالي سان عدالتي عملدارن ڌرين کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان جي وڪيل خالد يوسف چوڌري به تصديق ڪئي ته عدالتي عملي آگاهي ڏني آهي ته اڄ فيصلو ٻڌايو ويندو، ان کان سواءِ نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم کي به عدالتي عملدارن طرفان آگاهه ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته 190 ملين پائونڊز ريفرنس تي احتساب عدالت 18 ڊسمبر 2024 تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، فيصلو ٻڌائڻ لاءِ عدالت پهريان 23 ڊسمبر ۽ پوءِ 6 جنوري جي تاريخ مقرر ڪئي هئي، بعد ۾ وري ملتوي ڪري ٽئين تاريخ 13 جنوري ڏني، واضح رهي ته 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو ٽرائل هڪ سال ۾ مڪمل ٿيو، ٽرائل دوران نيب 35 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا، پي ٽي آءِ باني جي وڪيلن شاهدن تي جرح ڪئي، ريفرنس ۾ اهم شاهدن، اڳوڻو پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان، اڳوڻو وڏو وزير پرويز خٽڪ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير زبيده جلال به پنهنجا بيان قلمبند ڪرايا، گذريل سال 27 فيبروري تي 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو.