عمران خان کي اڄ سزا ٻڌائڻ کان اڳ حڪومت جا بندوبست مڪمل

لاهور (عمران شفقت) اڄ عمران خان کي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا ٻڌائي ويندي ۽ فيصلي کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊوڙ لڳائي ويندي پر تيستائين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نوان جج اچي چڪا هوندا. ان حوالي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت بندبست ڪري رهي هئي ته ججن کي بيلنس ڪيو وڃي تنهن جي ڪري ڪيس جو فيصلو وري وري ملتوي ڪيو ويو  هو. ڪرپشن جو ڏوهه آهي ته ان ۾ سزا ضرور ٿيڻي آهي. عمران خان ان حوالي سان اپيل داخل ڪندو. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ وارا چون ٿا ته 31 جنوري تائين ڪميشن نه ٺهي ته ڳالهيون اڳتي نه وڌنديون. پي ٽي آءِ جي مطالبن تي عمران خان جون صحيحون نه هجڻ سان ڳالهيون نه ٺهنديون. مطالبا عمران خان جا آهن ته ان تي عمر ايوب جون صحيحون ڇو هونديون. ڳالهيون ته هونئن ئي ختم ٿيڻيون آهن. سڀاڻي عمران خان اهو چوندو ته مون کي ڪهڙي خبر ته عمر ايوب ڇا ڪيو هو ۽ هو ڳالهين کان يوٽرن وٺي ويندو. ذريعن موجب ڳالهين جو ٽيون دور 15 تاريخ تي شروع ٿيندو. حامد رضا چيو ته عمران خان کي سزا اچي به وئي تڏهن به ڳالهيون جاري رهنديون يعنيٰ عمران خان جيل ۾ بيزار ٿي پيو آهي. ڏسڻو پوندو ته حڪومت ڪيتري مضبوط آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *