شام ۽ عراق جهڙي حشر کان بچڻ لاءِ آمريڪا بابت احتياط ڪرڻو پوندو

لاهور(مبشر لقمان) نالي واري صحافي سهيل وڙائچ چيو آهي ته ترڪي شام ۾ بشار الاسد جي خلاف  وڙهيو آهي، ترڪي اسلامي دنيا سان ڪٿي بيٺل آهي ته ڪٿي وري آمريڪا سان بيهي ٿو ۽ مصر به ڪنهن ڪم جو ناهي رهيو.پاڪستان 1947 کان اسرائيل کي دشمن ڊڪيلئر ڪري ويٺو آهي پر هن وقت پاڪستان جي خواهش۽ ڪوشش اها هجڻ گهرجي ته  آمريڪا ۽ اسرائيل جي حوالي سان ڪا اهري ڳالهه نه ٿئي جنهن سان لڙائي وارو ماحول جڙي  ٽرمپ بعد جيڪي اتي پي ٽي آئي وارا حامي پاڪستاني آهن انهن ملڪ کي به عراق ليبيا ۽ شام وانگر ٽارگيٽ بڻايو آهي، ۽ ٽرمپ جي مشير کي مطمئن ڪري چڪا آهن ته هي به ساڳيو معاملو آهي پر کين سڌ ناهي ته پينٽاگون ۽ پاڪ فوج وچ  ۾ گهرا لاڳاپا آهن ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جون پاڙون به گهريون آهن. هن چيو ته  آمريڪا اندر پاڪستان لاءِ گهري ڳڻتي آهي. ڪڏهن گيريزن اسٽيٽ، ڪڏهن سيڪيورٽي اسٽيٽ وغيره سڏيو وڃي ٿو. بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حوالي سان پابنديون اهو ڏيکارين ٿيون ته توهان دنيا لاءِ  چيلينج آهيو . توهان ايٽمي پروگرام به ٺاهي ورتو.سيڪيورٽي اسٽيٽ رهڻ مجبوري آهي جو آمريڪا جا مطالبا ۽ ايٽمي پروگرام سرينڊر ڪرڻ  چين سان لاڳاپا ٽوڙڻ جهڙا مطالبا اچن ٿاجيڪي قبول ناهن ته پوءِ ڏکيائون پيدا ڪيون وڃن ٿيون. اهڙي قسم جا ڪا به سوچ نه هجڻ گهرجي نه ته شام ، لبيا ، عراق جوحشر سامهون آهي ۽ ايران به خطري ۾ آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *