لاس اينجلس ۾ باهه تي ضابطو نه آيو، فوتين جو انگ 16 ٿي ويو

واشنگٽن ( م ڊ)لاس اينجلس ۾ تاريخ جي بدترين باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو، فوتين جو انگ 16 ٿي ويو،لاس اينجلس  جي تاريخ جي بدترين باهه تي اڱاري کان پوءِ به ضابطو نه اچي سگهيو.پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب 12 هزار کان وڌيڪ گهر ۽ عمارتون خاڪ جو ڍير بڻجي ويون، 2 لک کان وڌيڪ ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا.ڪجهه علائقن مان نيڪالي جا نوان حڪم جاري ڪيا ويا، اطلاعن موجب باهه لڳڻ سبب 16 ڄڻا فوت ۽ سوين زخمي ٿي پيا، 13 ڄڻا اڃا تائين گم آهن جن جي ڳولا جاري آهي.لاس اينجلس ڪائونٽي ۾ هيلٿ ايمرجنسي جو اعلان ڪيو ويو آهي، تيز هوائن سبب باهه وڌيڪ پکڙجڻ جو خدشو آهي، جنهن تحت ريڊ فليگ وارننگ جاري ڪئي وئي آهي. 12 هزار کان وڌيڪ فائر فائٽر، 1100 فائر انجڻ، 60 جهاز ۽ 143 واٽر ٽينڪر باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن، ان کان علاوه ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا به امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *