اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سنڌو درياهه ۾ 28 لک تولا سون جا ذخيرا پنجاب ۾ داخل ٿيڻ واري هنڌ اٽڪ واري هنڌ تي موجود آهن. اهڙو انڪشاف نگران حڪومت ۾ معدنيات وارو وزير رهندڙ ابراهيم حسن مراد ڪيو. نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اهي ذخيرا 8 سئو ارب رپين جا ٿين ٿا. درياهه ۽ جبلن مان سون جا ٽڪرا اتي گڏ ٿي ويندا آهن، سياري ۾ پاڻي لهي ويندو آهي ته اتي ماڻهو اچي سون ڪڍندا آهن ۽ لکين رپيا ڪمائيندا آهن، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب ۾ به ائين ٿئي ٿو، سرحدن تي ماڻهو سون ڪڍن ٿا. اسان ان تي سروي به ڪرائي هئي ۽ قلم 144 به لاڳو ڪيو هو جيئن غيرقانوني چوري روڪي سگهجي. ان کانسواءِ وڏي پئماني تي چاندي جا ذخيرا به موجود آهن. سون جا 9 بلاڪ آهن ۽ اسان جي ڪوشش ڪئي ته ان کي ايس آءِ ايف سي ڏانهن کڻي وڃجي اها ڪردار ادا ڪري. انهن جا واڪ ڏنا وڃن. ان لاءِ سونارا ته تيار هئا ته اسان سون ڪڍي دنيا کي به موڪلينداسين. حڪومت سڀ کان پهريان ان جي چوري روڪي ۽ پوءِ وڏي پئماني تي گڏجاڻيون ڪري ان تي ڪم ڪرڻ گهرجي.