دادو (پ ر) عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ضلعي صدر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمنٰ مهيسر جي صدارت هيٺ دادو ۾ ٿيو جنھن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ماھ نور ملاح، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون ۽ عوامي تحريڪ جي مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري ڪاشف ملاح خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضن ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف 25 جنوري تي گوزي کان ڪي اين شاهه تائين پيادل مارچ ڪيو ويندو. 26 جنوري تي ڳوٺ دودو برهماڻي کان واهي پانڌي تائين شارٽ مارچ ڪيو ويندو. 2 فيبروري تي ڳوٺ لونگ مهيسر کان ميهڙ تائين 8 ڪلوميٽر شارٽ مارچ ڪيو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌو درياهه بچايو سنڌ بچايو مچ ڪچهريون ڪيون وينديون، گورک ۽ ڪاڇي سميت دادو ضلعي جي 10 هزار ايڪڙ زمين فوج سان لاڳاپيل ڪمپني کي ڏيڻ خلاف هزارين هينڊ بل ڇپائي ضلعي ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌين، سرائڪين ۽ بلوچن جي نسل ڪشي جو منصوبو آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي تحريڪ جي سنڌ ۾ زبردست جدوجهد هلندڙ آهي، 18 جنوري تي اسلام آباد ۾ ڪانفرنس ڪري، ملڪي سطح تي آواز اٿاريو ويندو. هنن چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار جي لالچ ۾ سنڌو درياهه ۽ سنڌ جون زمينون وڪرو ڪيون آهن. سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي جي سنڌ دشمن منصوبن کي ناڪام بڻائي، اڳواڻن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ گورک ۽ ڪاڇي سميت سموري سنڌ نيلام ڪئي پئي وڃي، گورک سنڌ جو سياحتي ۽ ثقافتي مرڪز آهي، گورک تي قبضو برداشت نه ڪبو، گورک ۽ ڪاڇي سميت دادو ضلعي جي 10 هزار ايڪڙ زمين گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ ڪمپني کي ڏيڻ خلاف هزارين هينڊ بل ڇپائي ضلعي ۾ ورهايا ويندا. اجلاس ۾ ايڊووڪيٽ ذولفقار چانڊيو، شيخ جمال برهماڻي، ايڊووڪيٽ داد محمد مگسي، ايڊووڪيٽ شبير احمد کوسو، راشد علي ڀرڳڙي، ميانداد برهماڻي، هادي بخش کونهارو، بلاول ٻٻر، ڪامريڊ يعقوب کوسو، عبدالڪريم لغاري، شبير احمد گاڏهي، عبدالوحيد بروهي، عاطف ملاح، منير برهماڻي، صدام لاشاري، محرم علي کوسو، اياز علي چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.