سکر(رپورٽ:آزاد مهر) سنڌ ساگر پارٽي(مرڪز) جي سڏ تي،”گرين پاڪستان انيشيٽو“ جي منصوبي تحت، سنڌ جي 12 لک، 60 هزار ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي”ڪمپني سرڪار“ جي حوالي ڪرڻ ۽ سنڌو درياھ مان نوان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان هڪ ڏينهن جي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان ڪهي آيل سياسي، سماجي ڪارڪنن، ساڃاھ وندن، وڪيلن، آبادگارن توڻي عام شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سنڌ ساگر پارٽيءَ جي مرڪزي صدر منصور جکڙ، جونيئر نائب صدر غلام قادر مھر، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سارنگ مھر، جوائنٽ سيڪريٽري عبدالجبار مڱريي، فنانس سيڪريٽري مسرور ابڙي، ميڊيا سيڪريٽري الطاف حسين سنڌيءَ، آڊيٽر نديم ڪلهوڙي، سنڌ ساگر لائيرس فورم جي ڪنوينر ايڊووڪيٽ وزير احمد اڄڻ، ماروئڙا ٻالڪ سنگت جي نگران امر سنڌيءَ، سنڌ ساگر اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي مرڪزي اڳواڻ مبين سنڌيءَ، سارنگ جکڙ، سينيئر سياسي ڪارڪن نورﷲ ملڪ، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سچل ڀٽي، ذوالفقار ميراڻي، خادم بروهي، گسٽا سنڌ جي صدر مقصود احمد مهيسر، نامياري ليکڪ پروفيسر سرور سيف، جيئي سنڌ قومي محاذ (شهيد بشير خان) جي اڳواڻ باغي بروهي، علي ڏنو اڄڻ، جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) جي اڳواڻ سنڌي امتياز ماڇي، ساجد مڱريي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي اڳواڻ ماجد ڏنور ۽ ٻين سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ ساڃاھ وندن چيو ته سنڌ کي ڪالونيءَ طور هلايو پيو وڃي حاڪمن اسان جي قومي سڃاڻپ،خودمختياري۽ معاشي حيثيت کي تسليم ڪرڻ بجاءِ، سنڌ جو تيل، گئس، ڪوئلو، سمنڊ ۽ صنعت جي معيشت کسي، سنڌي ماڻهن مٿان ڌاري آبادڪاري، هٿراڌو ڌاڙيل گردي، مذهبي انتهاپسندي، قبيلائي تڪرار ۽ جبري گمشدگيون مڙهي، اسان کي سياسي، معاشي ۽ سماجي طور اپاهج بڻايو ويو آهي،هنن چيو ته هاڻي”گرين پاڪستان انيشيٽو“ جي فريبي نعري تحت، هڪ طرف سنڌ جي 12 لک، 60 هزار ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي”ڪمپني سرڪار“ کي ڏئي، سنڌي ماڻهن کان سندن سرزمين، جبل، ڍنڍون ۽ ڍورا ڦريا پيا وڃن، ته ٻئي طرف سنڌو درياھ مٿان نوان ڪئنال ڪڍي، سنڌ جي زراعت ۽ قومي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو ذريعو سنڌو درياھ پڻ کسڻ جي سازش ڪئي وئي آهي،هنن چيو ته سنڌ کي ننڍي کنڊ جو فلسطين بڻائڻ جي سازش آهي،ٻئي پاسي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ڏھاڙي 5 ھزار ڪيوسڪ درياهي پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ سبب، هينئر تائين ساحلي پٽيءَ جي 32 لک ايڪڙ زمين ڳهي ويٺل سمنڊ ڪجهھ ئي ڏهاڪن ۾ سجاول، ٺٽي ۽ بدين جي ضلعن سان گڏ، ڪراچيءَ کي به پائي ويندو .