افغانستان جي طالبان حڪومت جو پناهگيرن جي معاملن وارو وزير خليل الرحمان حقاني ڪابل ۾ آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويو

افغانستان جي طالبان حڪومت جو پناهگيرن جي معاملن وارو وزير خليل الرحمان حقاني ڪابل ۾ آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويو.

ملڪ جي گاديءَ واري شهر ڪابل ۾ اميگريشن واري وزارت ۾ آپگهاتي بم ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ۽ زخمي ٿي پيا.

طالبان حڪومت جي اطلاعات ۽ ٿقافت واري وزارت ڌماڪي ۾ وزير خليل الرحمان حقانيءَ جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي.

خليل الرحمان حقاني طالبان حڪومت جي گهرو وزير سراج الدين حقاني جو چاچو ۽ افغان طالبان جي حقاني نيٽ ورڪ جي باني جلال الدين حقاني جو ڀاءُ هو، کيس نيٽ ورڪ جي اهم شخصيتن ۾ ڳڻيو ويندو هو.

طالبان جي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ڪنهن به سينيئر اڳواڻ تي ٿيل هي ٽيون حملو آهي………..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *