پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 16 ڊسمبر تي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سورهن ڊسمبر تي ٿيندو، جنهن ۾ صدر مملڪت طرفان واپس موڪليل اَٺن بلن تي غور ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ مدرسن جي رجسٽريشن بابت سوسائٽيز ترميمي بل تي به غور ٿيندو، اهو بل صدر طرفان پارليامينٽ ڏانهن واپس موڪليو ويو هو.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اهڙا بل به غور هيٺ ايندا، جيڪي هڪ ايوان مان منظور ڪرايا ويا پر مقرر وقت تائين ٻئي ايوان منظور نه ڪيا.
صدر طرفان واپس موڪليل بلن مان ڪجهه اڳوڻي صدر عارف علوي اعتراضن لڳائي واپس موڪليا هئا.
ذريعن موجب قانون واري وزارت طرفان سوسائٽيز ترميمي بل ۾ وڌيڪ ترميم ڪئي ويندي..