اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ٻن مختلف ڪاررواين ۾ ست دهشتگرد مارجي ويا

اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ٻن مختلف ڪاررواين ۾ ست دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾  دهشتگردن خلاف ٻه مختلف ڪارروايون ڪيون آپريشن دورنا هڪ جوان بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويو.

سڪيورٽي فورسز 10 ۽ يارهن ڊسمبر تي اتر وزيرستان ۾ ٻن مختلف هنڌن تي دهشتگرد خلاف ڪارروايون ڪيون.

آءِ ايس پي آر موجب  ميران شاهه ۾ ڪيل ڪارروائي دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا، ٻي ڪارروائي اسپن وام واري هنڌ ٿي،  جنهن ۾ 3  دهشتگرد مارجي ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *