پاڪستان سڀني جو آهي ۽ گڏجي ان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي : محسن نقوي

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان سڀني جو آهي ۽ گڏجي ان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي، عوام رڳو پنهنجي مسئلن جو حل چاهي ٿو، ملڪ جو مستقبل روشن آهي، دنيا جي ڪابه طاقت ملڪ جي ترقي روڪي نٿي سگهي.

اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان تحريڪ انصاف پارليمنٽرين جي باني پرويز خٽڪ ملاقات ڪئي آهي.

ملاقات دوران گڏيل دلچسپي، ملڪ جي مجموعي صورتحال ۽ سياسي معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات ۾ خيبرپختونخوا ۾ امن امان قائم ڪرڻ بابت قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ٻنهي اڳواڻن طرفان ملڪي ترقي ۾ رنڊڪ وجهندڙ عنصرن جو ڄمي مقابلو ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته پاڪستان سڀني جو آهي ۽ گڏجي ان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي، عوام رڳو پنهنجي مسئلن جو حل چاهي ٿو، ملڪ جو مستقبل روشن آهي، دنيا جي ڪابه طاقت ملڪ جي ترقي روڪي نٿي سگهي.

پرويز خٽڪ اسلام آباد ۾ احتجاج دوران وڳوڙين جي حملي ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *