سپريم ڪورٽ چيو آهي ته جيڪو شخص فوج ۾ ناهي تنهن تي فوجي قانون ڪيئن لاڳو ٿيندو، فوج ۾ ڪم ڪندڙ تي فوجي ۽ زراعت ۾ ڪم ڪندڙ تي زراعت کاتي جو قانون لاڳو ٿيندو، ڇا اڻ لاڳاپيل شخص کي ڊسپلين هيٺ آڻڻ آرٽيڪل اٺ جي ڀڃڪڙي نه هوندي، جيڪو شخص آرمي ايڪٽ جو سبجيڪٽ ناهي تنهن کي بنيادي حقن کان محروم ڪيئن ٿو ڪري سگهجي.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ ملٽري ڪورٽ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي ڪئي.
وفاقي سرڪار جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته ملٽري ڪورٽس ۾ عدالتي فيصلو ٻن حصن تي ٻڌل آهي، هڪ حصي ۾ آرمي ايڪٽ جي شقن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ٻئي حصي ۾ جوابدارن جي ملٽري ڪورٽ ۾ ڪسٽڊي آهي.
جسٽس جمال مندو خيل چيو ته ملٽري ڪورٽس جو سمورو ڪيس آرٽيڪل 8 جي چوڌاري گهمي ٿو، هٿياربند فوج ۾ نه هوندڙ شخص آرمڊ فورسز جي ڊسپلين هيٺان ڪيئن ٿو اچي سگهي، خواجه حارث چيو ته جيڪڏهن قانون اجازت ڏئي ٿو ته ڊسپلين لاڳو ٿيندو.
جسٽس جمال مندو خيل چيو ته هڪ شخص فوج ۾ آهي تنهن تي فوجي قانون لاڳو ٿيندو، ڪو کاتو زراعت ۾ تنهن تي زراعت جو ڊسپلين لاڳو ٿيندو، ڪو شخص ڪنهن کاتي ۾ ناهي ته آرمڊ فورسز جو ڊسيپلين ڪيئن لاڳو ٿيندو، اڻ لاڳاپيل شخص کي ڊسيپلين هيٺان آڻڻ آرٽيڪل 8 جي ڀڃڪڙي نه هوندي.
خواجه حارث چيو ته مخصوص حالتن ۾ سويلين تي به آرمي ايڪٽ لاڳو ٿيندو آهي، عدالت وٽ آرمي ايڪٽ جي شقن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو اختيار ناهي.
جسٽس جمال چيو ته اهڙي نموني جيڪڏهن ڀڙڪائڻ جو سوچي ته آرمي ايڪٽ لاڳو ٿيندو، ڇا آرمي ايڪٽ آئين جي آرٽيڪل 8 جو سيڪشن هڪ غير موثر نه ڪيوآهي، خواجه حارث چيو ته فوجي عدالتن ۾ به فيئر ٽرائل جو آرٽيڪل 10 اي موجود هوندو آهي.
جسٽس جمال مندو خيل چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو عهدو صدر جو هوندو آهي،جيڪڏهن صدارتي هائوس تي حملو ٿيو ته جوابدار جو ٽرائل دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿيندو پر آرمي ملڪيتن تي حملو ٿيو ته ٽرائل ملٽري ڪورٽس ۾؟ خواجه حارث چيو ته اهڙو فيصلو قانونسازي ڪندڙن قانون ذريعي ڪيو آهي.
جسٽس مسرت هلالي چيو ته فوجي ڪورٽن ۾ گرفتار هيٺ ماڻهن جي ڪيس جون ڪاپيون نه ڏنيون ويون آهن، ڇا فوجي ڪورٽ ٽرائل ۾ وڪيل جي اجازت هوندي آهي، ڇا ملٽري ڪورٽ ۾ جوابدار کي سمورو مواد فراهم ڪيو ويندو آهي، خواجه حارث چيو ته ملٽري ڪورٽ ۾ جوابدا رکي وڪيل ۽ سموري لاڳاپيل ڄاڻ فراهم ڪئي ويندي آهي.
جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته جيڪڏهن فوجي پنهنجي آفيسر جو قتل ڪري ته ڪيس ڪيئن هلندو، خواجه حارث چيو ته قتل جو ڪيس عام عدالت ۾ هلندو.