ميرپور ماٿيلي جي عدالت صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 6 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي
December 13, 2024 at 2:19 pmميرپور ماٿيلي جي عدالت صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 6 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران صحافي نصر الله گڏاڻي جو ڀاءُ يعقوب گڏاڻي عدالت ۾ پيش ٿيو.
پوليس گرفتار جوابدار اصغر لنڊ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو.
جوابدار عبدالله لنڊ به دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو.
عدالت فريادي ڌر جو وڪيل پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي 6 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.