لاڙڪاڻي واسي نوجوان جي لاش کي واهه ۾ اڇلائڻ وارو معاملو، ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾  لاڙڪاڻي جي نوجوان علي احمد بروهي کي قتل ڪري لاش واهه ۾ اڇلائڻ وارو ڪيس جي ٻڌڻي ۾ عدالت آءِ جي سنڌ کي قتل ٿيل نوجوان علي احمد بروهي جي  لاش جي ڳولا لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي، عدالت چيو ته گم ٿيل نوجوان جي لاش جي ڳولا لاءِ ڊي ايس پي جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وڃي. ٻڌڻي دوران پوليس جي فوڪل پرسن چيو ته نوجوان جي لاش کي ڳولا لاءِ هڪ هفتي اندر ڪميٽي جوڙي ويندي، پوليس جي فوڪل چيو ته ڪميٽي گم  يل نوجوان جي لاش جو پتو به لڳائيندي، عدالت چيو ته نوجوان جو لاش هٿ اچڻ بعد جاچ ڪميٽي ڊي اين اي ٽيسٽ پڻ ڪرائي.، درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته اڳوڻو چيف جسٽس مقتول علي احمد بروهي جي قتل ڪيس جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو .

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *