بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ پاڪ فوج جي ميجر سميت ٻن جوانن بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي هرنائي ۾ آپريشن ڪيو.
ميجر محمد حسيب جي قيادت ۾ سڪيورٽي فورسز جي ٽيم معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ جي اطلاع تي علائقي ۾ پهتي.
آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائي دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا، آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي ديسي بمن سان حملو ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڌماڪي سبب بهادر آفيسر 28 ورهين جو ميجر محمد حسيب ۽ حوالدار نور احمد شهيد ٿي ويا، ميجر محمد حسيب جو ملتان ۽ حوالدار نور احمد بارکان جو رهواسي هو.
آءِ ايس پي آر موجب حوالدار نور احمد شهيد سوڳوارن ۾ گهرواري، 3 پٽ ۽ نياڻي ڇڏيا آهن