غزا ۾ اسرائيلي فورسز جا حملا جاري آهن، حملن جي نيتجي ۾ وڌيڪ 18 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
يهودي فورسز پاران البريج پناهگير ڪئمپ تي ڪيل بمباري سبب 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
اهڙي طرح اتر غزا، رفح ۽ المغاري ڪئمپ تي به اسرائيلي فوج حملا ڪيا، حملن ۾ 5 ڄڻن شهادت ماڻي.
غزا ۾ 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي فوج جي حملن ۾ 24 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 112 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
غزا تي اسرائيلي حملن ۾ هيل تائين شهيد ٿيلن جو مجموعي انگ 43 هزار 376 ٿي ويو، جڏهن ته هڪ لک 3 هزار 370 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
هوڏانهن اسرائيل فوج جي لبنان ۾ سول ڊفينس جي مرڪز تي بمباري سبب 22 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
ڏکڻ لبنان ۾ قناريت، زينا، عنڪون، نفول ۽ وادي بيڪا تي به حملا ڪيا ويا.
بيروت جي ٻهراڙين ۾ حملن دوران 16 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
لبنان ۾ 18 آڪٽوبر 2023 کان اسرائيلي فورسز جي حملن ۾ شهيد ٿيلن جو انگ 3 هزار 386 ٿي ويو.
ٻئي طرف حزب الله تل ابيب ۾ اسرائيلي فوجي اڏي تي ڊرون حملا ڪيا آهن.
حزب الله لبنان جي سرحد کان اٽڪل 120 ڪلو ميٽر پري ڊرون حملا ڪيا، حزب الله جو چوڻ آهي ته فوجي اڏي جو تعلق اسرائيلي فوج جي ملٽري انٽيليجنس ڊويزن سان آهي.
حزب الله جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اتر اسرائيل جي ڪريات شمونه بستي ۽ ٻين علائقن کي به نشانو بڻايو ويو آهي.