دهشتگردن جي ڌڙن نور ولي گروپ جي حافظ گل بهادر گروپ جي ميران شاهه مرڪز تي آپگهاتي حملي سبب جيش عمري گروپ جا 5 دهشتگرد مارجي ويا، حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي شهرين جي مارجڻ جا به اطلاع آهن.
دهشتگردن ۾ اندروني اختلافن ۾ شدت سامهون اچي وئي آهي، 13 ۽ 14 نومبر جي وچ واري رات اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه جي ڳوٺ تپي جي هڪ مسجد ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو.
ڌماڪي سبب 5 اهم دهشتگرد مارجي ويا، ڌماڪي سبب عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترائي شهري به فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڌماڪي سبب عمارتن کي به نقصان پهتو.
اطلاع آهن ته حملي ۾ ٻه عورتون فوت ٿي ويون، ٽن ٻارڙن سميت چئن ڄڻن تي گهر جي ڇت ڪري پئي، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ذريعن موجب دهشتگردن جي حافظ گل بهادر گروپ وچ ۾ دشمني ۽ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو آهي.
اڄ صبح حڪيم خيل ڳوٺ ۾ دهشتگرد گل بهادر گروپ دهشتگرد نور ولي محسود جي اهم ڪمانڊر ظفر الدين عرف مخلص کي ماري ڇڏيو.
دفاعي ماهرن موجب دهشتگردن طرفان عبادتگاهن کي دهشتگردي جي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ شرم جوڳو عمل آهي.
ماهرن جو چوڻ هو ته دهشتگردن جي حملن ۾ حصو وٺندڙ عام ويڙهاڪ افغانستان ۾ ويٺل قيادت کان تنگ آهن.