سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي پاڪستان لاءِ وڏو چئلينج آهي، ٻوڏ سبب پاڪستان کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو، موسمياتي تبديلي سبب پاڪستان سميت ڪيترن ئي ڏکيائيون آهن، ايندڙ نسلن جو مستقبل خطري ۾ آهي، ترقي يافته ملڪن کي ماحولياتي تبديلي سان منهن ڏيڻ لاءِ ترقي ڪندڙ ملڪن سان ڪيل واعده پورا ڪرڻ گهرجن.
باڪو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته موسمياتي تبديلي سبب پاڪستان سميت ڪيترن ئي ڏکيائيون آهن، ايندڙ نسلن جو مستقبل خطري ۾ آهي.
سندس چوڻ هو ته موسمياتي تبديلي پاڪستان لاءِ وڏو چئلينج آهي، ٻوڏ سبب پاڪستان کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته ترقي يافته ملڪن کي ماحولياتي تبديلي سان منهن ڏيڻ لاءِ ترقي ڪندڙ ملڪن سان ڪيل واعده پورا ڪرڻ گهرجن.
هن چيو ته بلوچستان جون باشعور عورتون پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته بلوچستان جي تعليم يافته عورتن کي حڪومت جي ڀرپور حمايت حاصل هوندي.