لاهور هائيڪورٽ طرفان زرعي زمينن تي هائوسنگ سوسائٽيون نه ٺاهڻ جو حڪم

لاهور هائيڪورٽ سموگ جي تدارڪ بابت درخواستن تي زرعي زمينن تي هائوسنگ سوسائٽيون نه ٺاهڻ ۽ پنجاب حڪومت کي سموگ جي خاتمي لاءِ  گهٽ ۾ گهٽ ڏهن سالن لاءِ  پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

لاهور هائيڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم سموگ جي تدارڪ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب خالد اسحاق خان عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب سان مخاطب ٿيندي جسٽس شاهد ڪريم رمارڪس ڏيندي چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ جيئن واپس اچي ته اوهان کي سموگ بابت لانگ ٽرم پاليسي بابت ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، گهٽ ۾ گهٽ ڏهن سالن لاءِ پاليسي جوڙي وڃي.

ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته پنجاب ۾ اليڪٽرڪ بسون هلائڻ لاءِ بجيٽ مختص ڪئي وئي آهي، ايندڙ سال جون کان اڳ بسون روڊن تي هونديون، هو فوڊ سڪيورٽي بابت قدم کڻي رهيا آهن، ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، برساتي پاڻي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پڻ قدم کڻي رهيا آهن.

جسٽس شاهد ڪريم چيو ته هي قدم تمام بهتر آهن، حڪومت کي گهرجي اعلان ڪري ته زرعي زمين تي هائوسنگ سوسائيٽيز نه بڻايون وڃن، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته هو لينڊ ايڪوزيشن ايڪٽ تي به ڪم ڪري رهيا آهن.

عدالت هدايت ڪئي ته پاڻي محفوظ ڪندڙ هڪ ٻوٽو آهي، جيڪي وڌ کان وڌ لڳائڻ گهرجن.

عدالت سموگ جي تدارڪ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *