جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته احتجاج ڪرڻ ۽ ڌرڻو هڻڻ پي ٽي آءِ جو آئيني حق آهي، ڪنهن کي به آئيني حق کان روڪڻ نه گهرجي .
جيڪب آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته تحريڪ انصاف سان اتحاد ڪرڻ جو في الحال ڪوبه امڪان ناهي.
هن چيو ته بلوچستان جون حالتون فيصلا ڪندڙ قوتن جي غلط فيصلن سبب خراب ٿيون آهن، حق گهرندڙ صوبن جي ماڻهن کي گولي سان خاموش ڪرائڻ انصاف جو گهرج ناهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين بلوچستان جي ماڻهن کي شڪ جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو.
مولانا عبدالغفور حيدريچيو ته سنڌ جي وسيلن ۽ ٻيٽن تي سنڌين ۽ ڪي پي مان نڪرندڙ گئس تي اتان جي ماڻهن جو حق آهي.
هن چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير جي تبديلي بابت ڪا خبر ناهي، نه ئي ان بابت کيس ڄاڻ آهي.