وفاقي حڪومت پاران پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رکڻ جو اعلان

وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي جا اگهه ايندڙ پندرنهن ڏيڻ لاءِ برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ناڻي واري وزارت طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب، پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رکيا ويا آهن.

پيٽرول جي في لٽر قيمت 248 رپيا 38 پيسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيلز جي قيمت 255 رپيا 14 پيسا في لٽر برقرار رهندي.

ان کان اڳ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ساڍا پنج رپيا في لٽر اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو پئي ويو.

خيال رهي ته پهرين نومبر تي پيٽرول هڪ رپيو 35 پيسا ۽ هاءِ اسپيڊ 3 رپيا 85 پيسا في لٽر مهانگو ڪيو ويو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *