نوَ مئي سانحي جي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ اڄ پي ٽي آءِ باني سميت پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي، عدالت 125 ڄڻن کي اڄ طلب ڪري ورتو.
عدالت جي حڪم تي جاچ ٽيم اڄ جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ مجرماڻي سازش جو انسپيڪشن نوٽ عدالت ۾ پيش ڪندي، گذريل تاريخ تي فرد جرم لاڳو نه ٿيڻ سبب فرد جرم جي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي هئي.
ڪيس جي ٻڌڻي ضلعي ڪچهري جي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿيندي.
خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي به فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ عدالت طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو، ان کان علاوه شبلي فراز، عمر ايوب خان، شيخ رشيد احمد، زرتاج گل کي به طلب ڪيو ويو آهي.
گذريل تاريخ تي 21 جوابدار غير حاضر هئا جن کي نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا آهن، ڪيس ۾ ڪـُل 125 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، سمورن جوابدارن کي اڄ طلب ڪيو ويو آهي.