اسرائيل جي غزه تي بمباري جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران حملن ۾ وڌيڪ 27 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڏکڻ غزه جي علائقي الڪرامه ۾ هوائي حملي ۾ 4 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته زيتون واري علائقي ۾ 2 ڄڻن شهادت ماڻي.
عرب ميڊيا موجب، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 27 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
عرب ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر 2023 کان جاري اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 43 هزار 736 تائين پهچي ويو جن ۾ 17 هزار 210 ٻار به شامل آهن.
عرب ميڊيا موجب، صيهوني بربيت سبب هن وقت تائين هڪ لک 3 هزار 76 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي لبناني علائقي قنا ۾ پاسي اسرائيلي بمباري سبب هڪ ئي گهر جا 5 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
عالمي ميديا جي رپورٽن موجب، شهيدن ۾ ٽي ٻار، ماءُ ۽ پيءُ شامل
لبناني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته شهيدن جو انگ 3 هزار 445 ٿي ويو جڏهن ته 14 هزار 599 زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ ٽيون زميني آپريشن مڪمل ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.