يوڪرين جنگ جي محاذ تي وڏي اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جرمن چانسلر اولاف شولس روسي صدر ولادي مير پيوٽن سان ٻن ورهين کانپوءِ رابطو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پيوٽن ۽ جرمن وائيس چانسلر وچ ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ڳالهه ٻولهه ٿي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، جرمن چانسلر روسي صدر سان رابطي کان اڳ يوڪريني صدر زيلنسڪي سان به رابطو ڪيو.
ان موقعي تي روسي صدر ولادي مير پيوٽن جو چوڻ هو ته هنن ڳالهين کان ڪڏهن به انڪار ناهي ڪيو، يوڪرين رنڊڪ بڻيل آهي، ماسڪو هاڻي به ڳالهيون بحال ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
روسي صدر موجب، امن معاهدي جي لاءِ تڪرار جي جڙ کان ختم ڪري سڪيورٽي خدشا دور ڪيا وڃن،علائقائي حقيقتون مڃيون وينديون ته علائقي ۾ امن قائم ٿي سگھندو.
پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب، تقريبن چانسلر شولس ۽ صدر پيوٽن جي وچ ۾ ٻن سالن کانپوءِ ڪنهن به قسم جو اهو پهريون رابطو هو، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ آخري ملاقات ڊسمبر 2022 ۾ ٿي هئي………