غزه ۾ هڪ طرفي جنگ کي 400 ڏينهن مڪمل ٿي ويا

غزه ۾ هڪ طرفي جنگ کي 400 ڏينهن مڪمل ٿي ويا، صهيوني فوج  جي تازن حملن ۾ وڌيڪ 40 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج گرفتار فلسطينين کي آزاد ڪرڻ کانپوءِ شهيد ڪري ڪيو، جڏهن ته دير البلاح ۾ الاقصى اسپتال تي به بمباري ڪئي وئي.

عرب ميڊيا موجب، گذريل سال آڪٽوبر کان شروع ٿيل اسرائيلي حملن ۾ هن وقت تائين 43 هزار 552 فلسطيني شهيد ۽ هڪ لک 27 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.

رپورٽ موجب، شهيدن ۾ 12 هزار عورتون ۽ 12 هزار 700 شاگرد شامل آهن.

رپورٽ موجب، لاتعداد حملن ۾ 10 هزار فلسطيني لاپتا ۽ 20 لک ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *