ڪوئٽا ريلوي اسٽيشن ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جي جنازي نماز ڪوئٽا گيريزن ۾ ادا

ڪوئٽا ريلوي اسٽيشن ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جي جنازي نماز ڪوئٽا گيريزن ۾ ادا ڪئي وئي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب، جنازي نماز ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير شرڪت ڪئي.

آءِ ايس پي آر وجب، جنازي نماز ۾ وفاقي گھرو وزير محسن نقوي، بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي، عسڪري ۽ سول عملدار سميت شهرين ۽ فوجي آفيسر  به موجود هئا.

جنازي نماز کانپوءِ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سي ايم ايڇ ڪوئٽا جو دورو ڪيو ۽ ڌماڪي جي زخمين سان ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف زخمني جي حالت بابت ڄاڻ ورتي ۽ ساڻن ڀرپور همدردي جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي آرمي چيف دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ قومي عزم ۽ اداري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جو چوڻ هو ته دهشتگردي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، دهشتگردي جي خاتمي جو مشن گڏيل عزم سان جاري رکيو ويندو.

جنرل سيد عاصم منير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سمورن پاڪستانين جي ڀرپور حمايت جي ضرورت آهي.

ان کان اڳ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي ڪوئيٽا پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر بلوچستان سندس آجيان ڪئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *