وزيراعظم شهباز شريف اڄ سعودي عرب جي دوري تي روانو ٿيندو.
وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي رياض ۾ عرب اسلامي سربراهه ڪانفرنس اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.
اجلاس ۾ غزه ۽ لبنان تي اسرائيلي جارحيت سبب پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.
وزيراعظم فلسطين ڪاز لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪندو.
ٻئي پاسي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب پهچي ويو آهي.
سعودي عرب پهچڻ جي سعودي جي اعلى عملدارن ۽ قونصل جنرل خالد مجيد اسحاق ڊار جي آجيان ڪئي.
اسحاق ڊار قونصل جنرل خالد مجيد ۽ وفد سان گڏ عمرو به ادا ڪيو جنهن کانپوءِ رياض روانو ٿي ويو.
اسحاق ڊار 11 نومبر تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾شرڪت ڪندو………