اتر وزيرستان ۾ افغان سرحد ويجهو سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز ڪامياب آپريشن ڪري ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو ۽ 6 زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ وڌيڪ دهشتگردن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن ڪيو ويو، دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا، سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن