پنجاب جي مختلف شهرن ۾ فضائي آلودگي ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو

پنجاب جي مختلف شهرن ۾ فضائي آلودگي ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿي ويو، صوبائي راڄڌاني لاهور فضائي آلودگي ۾ هڪ دفعو ٻيهر پهرين نمبر تي اچي ويو،  زهريلي هوا سبب اکين، نڪ ۽ ڪنن جي بيمارين ۾ اضافو ٿي ويو، پارڪ، راندين جا ميدان، تفريحي ماڳ ۽ ميوزم 17 نومبر تائين بند ۽ مارڪيٽ رات اٺين وڳي تائين کولڻ جي اجازت هوندي.

پنجاب جي مختلف شهرن ۾ فضائي آلودگي ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿي ويو.

صوبائي راڄڌاني لاهور فضائي آلودگي ۾ هڪ دفعو ٻيهر پهرين نمبر تي اچي ويو ۽ شهر ۾ سموگ جي سراسري شرح 753 تائين پهچي وئي.

زهريلي هوا سبب اکين، نڪ ۽ ڪنن جي بيمارين ۾ اضافو ٿي ويو.

پارڪ، راندين جا ميدان، تفريحي ماڳ ۽ ميوزم 17 نومبر تائين پابندي لڳائي وئي جڏهن ته هوٽل ۽ مارڪيٽ رات اٺين وڳي تائين کولڻ جي اجازت هوندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *