وچ اوڀر جون حالتون خراب آهن، غزا ۾ فوري طور جنگ بنديءَ کي يقيني بڻائڻو پوندو: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته وچ اوڀر جون حالتون خراب آهن، غزا ۾ فوري طور جنگ بنديءَ کي يقيني بڻائڻو پوندو.

سعودي عرب جي شهر رياض ۾ ٻئي عرب اسلام سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته وچ اوڀر جون حالتون خراب ٿي چڪيون آهن، اسرائيل عالمي قانون جي سرعام ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، اسرائيلي فوج غزا ۾ جنگي ڏوهه پئي ڪري.

سندس چوڻ هو ته اسرائيل، هزارين بي گناهه فلسطينين کي شهيد ڪري چڪو آهي، فلسطين ڪاز لاءِ عرب ليگ ۽ او آءِ سي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.

اسحاق ڊار چيو ته فلسطينن جي حقن لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، غزا ۾ فوري جنگ بندي کي يقيني بڻائڻو پوندو.

نائب وزيراعظم چيو ته اسرائيل کان جنگي ڏوهن تي جواب ورتو وڃي، پاڪستان هميشه فلسطين ڪاز جي حمايت ڪئي آهي، غزا ۾ اسرائيلي ظلم جي مذمت ڪن ٿا، فلسطيني ڀائرن جي حمايت جاري رکي ويندي….

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *