عرب اسلامي سربراهي اجلاس اڄ سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ ٿيندو

عرب اسلامي سربراهي اجلاس اڄ سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ ٿيندو، وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.

ڪانفرنس ۾ فلسطين ۽ لبنان سميت خطي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، اسلامن ملڪن جا اڳواڻ وچ اوڀر جي صورتحال تي تجويزون پيش ڪندا.

وزيراعظم شهباز شريف عرب اسلامڪ سمٽ ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب پهچي ويو آهي.

رائل ايئرپورٽ ٽرمينل تي رياض جي ڊپٽي گورنر شهزادي محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز، سعودي عرب ۾ مقرر پاڪستاني سفير سميت ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم جو استقبال ڪيو.

سمٽ جي سائيڊ لائين تي وزيراعظم شهباز شريف جي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن جو امڪان آهي…………

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *