سعودي عرب جي آرمي چيف تهران ۾ ايران جي هم منصب سان ملاقات ڪري اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.
سعودي عرب جو آرمي چيف فياض الرويلي ايران جي دوري تي تهران پهچي ويو.
تهران ۾ سعودي آرمي چيف ايراني هم منصب جنرل محمد باقري سان ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ دفاعي سفارتڪاري، گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي بحالي کانپوءِ سعودي عرب جي عسڪري اعليٰ عهديدار جو هي اهم دورو آهي.