لنڊن پاڪستاني هاءِ ڪميشن ڪنهن کي نامزد ڪرڻ بنا اڳوڻي چف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي واقعي بابت باضابطا شڪايت داخل

لنڊن پاڪستاني هاءِ ڪميشن ڪنهن کي نامزد ڪرڻ بنا اڳوڻي چف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي واقعي بابت باضابطا شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي.

ميڊيا رپورٽ موجب اسڪاٽ لينڊ يارڊ جو چوڻ آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس تي حملي کان آگاهه آهن، واقعو سٽي آف لنڊن ۾ پيش آيو، جتان جي پوليسنگ سٽي آف لنڊن جي ذمي آهي.

ريعن موجب ڊپلوميٽڪ پوليس ذريعي سٽي آف لنڊن سان رابطو ڪيو  ويو، پوليس اڃا تائين ڪارروائي ناهي ڪئي.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ اختيارين واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪريڪ ڊائون ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستاني اختيارين حملي ۾ ملوث 23 ماڻهن جي نشاندهي ڪندي سندن نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهي ڇڏيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *