ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن آپگهاتي ڌماڪي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي بلوچستان حڪومت 3 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان

ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن آپگهاتي ڌماڪي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي بلوچستان حڪومت 3 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، بلوچستان حڪومت جي پڌرائي موجب، سڄي صوبي ۾ اڄ کان 13 نومبر تائين سوڳ ملهايو ويندو، ٽئي ڏينهن بلوچستان اسيمبليءَ سميت سرڪاري عمارتن تي قومي جهنڊا جهڪيل رهندا، ڪوئيٽا کان چمن ۽ ملڪ جي ٻين شهرن لاءِ 4 ڏينهن لاءِ ٽرين سروس معطل ڪئي وئي آهي.

ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن آپگهاتي ڌماڪي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي بلوچستان حڪومت 3 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

بلوچستان حڪومت جي پڌرائي موجب، سڄي صوبي ۾ اڄ کان 13 نومبر تائين سوڳ ملهايو ويندو.

بلوچستان حڪومت جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ٽئي ڏينهن بلوچستان اسيمبليءَ سميت سرڪاري عمارتن تي قومي جهنڊا جهڪيل رهندا.

ڪوئيٽا کان چمن ۽ ملڪ جي ٻين شهرن لاءِ 4 ڏينهن لاءِ ٽرين سروس معطل ڪئي وئي آهي.

ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽرين سروس سڪيورٽي سببن جي ڪري معطل ڪئي وئي آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *