پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هڪ دفعو ٻيهر تاريخي ڏينهن آهي، هنڊريڊ انڊيڪس پهريون ڀيرو 94 هزار جي حد پار ڪري وئي.
ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي ئي زبردست تيزي ڏٺي وئي ۽ هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 700 کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو ٿيو.
ڪاروبار دوران هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 729 پوائنٽس جو اضافو ٿيو، جنهن بعد هنڊريڊ انڊيڪس 94 هزار جي سطح پار ڪري تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نئين بلندي تي پهچي وئي.
گذريل هفتي جي ڪاروباري ڏينهن جي آخري ڏهاڙي تي هنڊريڊ انڊيڪس نئين بلند ترين سطح 93 هزار 514 تي پهتي هئي ۽ ڪاروبار جي پڄاڻي تي هنڊريڊ انڊيڪس 771 پوائنٽس اضافي سان 93 هزار 291 تي بند ٿي هئي