سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان روس جي سفير البرٽ خوريف ملاقات

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اسٽيل ملز کي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ روس کان مدد گهري ورتي، سندس چوڻ آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ روس ڪراچي ۾ اسٽيل ملز لڳائي هئي، هو چاهن ٿا ته اسٽيل ملز کي ٻيهر بحال ڪرائن جنهن لاءِ رشين ايمبيسي مدد ڪري.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان روس جي سفير البرٽ خوريف ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ روس جو قونصل جنرل آندري فيڊروف، ٿرڊ سيڪريٽري پاول ايمانوف، ايڪٽرينا زيگچ، وڏي وزير سان گڏ سيڪريٽري عبدالرحيم شيخ شرڪت ڪئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته رشين قونصل جنرل سان سٺي ڪو آرڊينيشن آهي، روس سان لاڳاپا بهتر ۽ مستحڪم ٿي رهيا آهن، هو روس سان صحت، تعليم ۽ ثقافت بابت لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهن ٿا.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ روس ڪراچي ۾ اسٽيل ملز لڳائي هئي، هو چاهن ٿا ته اسٽيل ملز کي ٻيهر بحال ڪرائن جنهن لاءِ رشين ايمبيسي مدد ڪري.

روس جي سفير چيو ته ايندڙ هفتي روس ۽ پاڪستان جي ماهرن ۾ آن لائن اسٽيل ملز جي بحالي بابت ڳالهيون ٿينديون، ڳالهين بعد روس جو وفد اسٽيل ملز جو دورو ڪندو.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه تجويز ڏيندي چيو ته اسٽيل ملز جو نئون پلانٽ لڳايو وڃي ته بهتر ٿيندو، اسٽيل ملز هلڻ سان معيشيت مضبوط ٿيندي ۽ روزگار وڌندو.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسٽيل ملز سنڌ جي عوام کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو تحفو آهي، جنهن کي هو هلائڻ چاهن ٿا، اسٽيل ملز جا ملازم به پريشان آهن ۽ سندن مسئلو به حل ٿي ويندو.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ روس جي سفير پاران ٻطرفي واپار کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

وڏي وزير رشين ڪمپنين سان ڊپلوميٽ چينل ذريعي ڳالهيون اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو……..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *