صدر آصف علي زرداريءَ چيني هم منصب شي جن پنگ طرفان خير سگاليءَ جي پيغام تي سندس ٿورا مڃيا آهن.
چيني صدر پنهنجي 3 نومبر واري خط ۾ صدر آصف علي زرداريءَ جي زخمي ٿيڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سندس جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو هو.
چيني صدر پنهنجي خط ۾ پاڪ چين دوستي جي گهرائي جو ذڪر ڪيو ۽ آصف علي زرداري کي چين جي دوري جي دعوت ڏني.
صدر آصف علي زرداريءَ چيني هم منصب جي پيغام تي سندس ٿورا مڃيا ۽ چيو ته چيني قيادت ۽ عوام طرفان سندس صحتيابي وارن پيغامن مان هو تمام گهڻو متاثر ٿيو، هو جلد چين جو دورو ڪندو.
ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي اهميت کي اجاگر ڪيو.