آءِ ايم ايف جو وفد ڳالهين لاءِ پاڪستان پهچي ويو

آءِ ايم ايف کي تعارفي سيشن ۾ معاشي حدفن تي بريفنگ ڏني وئي آهي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو وفد ڳالهين لاءِ پاڪستان پهچي ويو آهي.

تعارفي سيشن ۾ آءِ ايم ايف وفد کي معاشي هدفن تي رپورٽ جمع ڪرائي وئي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو ته ناڻي واري مملڪتي وزير تعارفي سيشن ۾ وفد کي معاشي صورتحال تي بريف ڪيو.

ايف بي آر جي جولاءِ کان سيپٽمبر تائين اوڳاڙي وارن حدن بابت به آءِ ايم ايف وفد کي آگاهه ڪيو ويو.

آءِ ايم ايف وفد رپورٽ جو جائزو وٺي لاڳاپيل وزارتن سان ڳالهيون ڪندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *