عالمي برادري اسرائيل کي ايران جي خودمختياري جي احترام جو پابند بڻائي: محمد بن سلمان

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وچ اوڀر ۾ جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو آهي.

رياض ۾ ٿيل عرب اسلامي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته فلسطين گڏيل قومن ۾ ميمبرشپ لاءِ اهل آهي، هنن ٻه رياستي حل جي حمايت لاءِ عالمي سطح تي رابطا شروع ڪيا آهن.

سعودي ولي عهد غزا ۾ انساني همدردي جي ادارن جي ڪمن رنڊڪون وجهڻ ۽ فلسطيني اٿارٽي جي ڪردار کي گهٽ ڪرڻ وارين ڪوششن تي اسرائيل کي تنقيد جو نشانو بڻايو.

محمد بن سلمان چيو ته هو اسرائيلي فوج طرفان لبنان جي خودمختياري کي نشانو بڻائڻ جي به مذمت ڪن ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *