سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته روس پاڪستان سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو.
گورنر هائوس ۾ روسي سفير ڪامران خان ٽيسوري سان ملاقات ڪئي.
روسي سفير گورنر هائوس پهتو ته سندس اعزاز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، ڪامران ٽيسوري ۽ روسي سفير پڻ جهنڊو ڦڙڪايو، ان موقعي تي روسي قونصليٽ جا نمائندا به موجود هئا.
روسي سفير مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثرات به لکيا.
گورنر سنڌ سان گڏ روس جي سفير قائداعظم گيلري جو دورو به ڪيو.
ڪراچي جي مشهور برگر ۽ مٽڪي چانهن سان روسي سفير جي مهمان نوازي ڪئي وئي.
گورنر سنڌ چيو ته روسي سفير سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. انشاءَ الله پاڪ روس دوستي تجارتي مٽاسٽا ۾ تبديل ٿيندي.
هن چيو ته هن روس جي سفير کي صوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي.
گورنر ڪامران خان ٽيسوري روسي سفير ۽ قونصل جنرل کي ٽوپي ۽ شال پيش ڪئي.
روس جي سفير وڻ پوکڻ جي مهم جي حصي طور گورنر هائوس ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو.