اسرائيل سموريون حدون اورنگهي ويو آهي، غزا ۾  فوري جنگبندي انٽر آهي:وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف غزا ۾ فوري طور جنگبندي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسرائيل سموريون حدون اورنگهي ويو آهي، غزا ۾  فوري جنگبندي انٽر آهي.

رياض ۾ عرب ليگ جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته غزا ۾ فوري طور تي جنگبندي جي ضرورت آهي.

هن چيو ته اسرائيل عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري پيو، اسرائيل سمورين حدون پار ڪري ڇڏيون آهن.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڏکئي وقت۾ فلسطينين سان گڏ بيٺل آهي.

وزيراعظم چيو ته غزا جي صورتحال تي سڀني جو گڏجڻ اهم قدم آهي.

شهبازشريف چيو ته غزا بابت انصاف جي عالمي عدالت فيصلو ڏنو پر ان باوجود اسرائيل عالمي قانون پائمال ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته اسرائيل غزا جي امداد جي بندش کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي، کين گڏجي هٿين خالي فلسطينين کي امداد جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي.

وزيراعظم چيو ته غزا ۾ انساني بحران تصوير کان وڌيڪ آهي، پاڪستان فلسطيني عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريندو رهندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *