پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قانون ساز ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
بلاول هائوس جي ترجمان موجب قانون ساز ڪميٽي پارلياماني معاملن لاءِ جوڙي وئي آهي.
پيپلز پارٽي جي قانون ساز ڪميٽي ۾ سينئر اڳواڻ نويد قمر، شيري رحمان، فاروق ايڇ نائيڪ، شهادت اعواڻ ۽ شازيه شامل آهن.
قانون ساز ڪميٽي ۾ طارق شاهه ڄاموٽ، بئريسٽر ضمير گهمرو، اعجاز جکراڻي ۽ سليم مانڊوي والا جي نالا به شامل آهن.