وزيراعظم شهباز شريف ٽن ڏينهن جي دوري تي آذر بائيجان پهچي ويو، وزيراعظم اڄ باڪو ۾ مصروف ترين ڏينهن گذاريندو.
وزيراعظم ڪانفرنس آف پارٽيز جي 29 هين ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو.
وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان طرفان منعقد ڪيل ڪلائيميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو، جنهن ۾ ڪيترائي عالمي اڳواڻ شريڪ ٿيندا.
وزيراعظم تاجڪ صدر امام علي رحمٰن طرفان منعقد ڪيل اعليٰ سطحي تقريب ۾ به شريڪ ٿيندو.
وزيراعظم سي او پي 29 ۾ شرڪت لاءِ آيل ڊنمارڪ ۽ چيڪ ريپبلڪ جي وزيراعظمن سان ڌار ڌار ملاقاتون به ڪندو جتي نه صرف گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون بلڪ وزيراعظم، پاڪستان کي موسمياتي تبديلي سبب خطرن جي خدشن تي به روشني وجهندو.