دوداپور ۽ ڀرپاسي بدامنيءَ ۾ واڌ ٿي وئي، عوام جا محافظ به غير محفوظ بڻيل آهن، هٿياربند پوليس اهلڪار کان ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
دوداپور ۾ هير واهه وٽ هٿياربندن پوليس اهلڪار خميسو ايريءَ کي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
جوابدارن هٿيارن جي زور تي اهلڪار کي يرغمال بڻايو، اهلڪار طرفان مزاحمت ڪرڻ تي کيس تشدد جو نشانو پڻ بڻايو ويو.