آئيني بئنچ ۾ 14 نومبر کان ڪيس ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو

آئيني بئنچ ۾ 14 نومبر کان ڪيس ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سپريم ڪورت ۾ آئيني ڪيسن توڙي بئنچون جوڙڻ واري معاملي تي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ججن واري ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، اهو اجلاس جسٽس جمال مندوخيل جي چين واپسيءَ بعد گهرايو ويو.

جسٽس محمد علي مظهر ٽيليفون تي ڪميٽي ميٽنگ ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ آيل درخواستن جو جائزو ورتو ويو.

ذريعن موجب آئيني بئنچ جي ججن واري ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي هڪ ڪلاڪ جاري رهي، جنهن ۾ آئيني بئنچ آڏو ڪيس ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچون 14 نومبر کان ٻڌڻيءَ جي شروعات ڪنديون ۽ هر خردواست کي ان جي واري تي لڳايو ويندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *